حلقه ميري زنجير ڪا

حلقه ميري زنجير ڪا

حلقه ميري زنجير ڪا

حلقه ميري زنجير ڪا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي برک شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جي اردو ۽ پنجابي ترجمن تي مشتمل مجموعو آهي، جيڪو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي شيخ اياز جي سمورين ادبي تخليقن ڇپائڻ واري رٿا جو حصو آهي. هي ڪتاب شيخ اياز جي شاعريءَ جي ترجمي جو ٻيو جلد آهي، جنهن جي ترتيب نوجوان اردو شاعر فهيم شناس ڪاظميءَ ڏني آهي. هن جلد ۾ اياز جي شاعريءَ جي ترجمن جا ٻه ڪتاب شامل آهن:
(1) حلقه ميري زنجير ڪا (منظوم اردو ترجمو: فمهيده رياض)
(2) جو بيجل ني آکيا (منظوم پنجابي ترجمو: احمد سليم)
پهرئين ڪتاب ۾ شيخ اياز جي 1962ع کان 1963ع تائين جي شاعريءَ جو اردو ترجمو شامل آهي، جيڪو شيخ اياز جي اوائلي شاعريءَ جو، پر نمائنده ڪلام جو نمونو آهي ۽ 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران شايع ٿيو هو. ٻيو ڪتاب شيخ اياز جي شاعريءَ جو پنجابي ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو نامور پنجابي اديب ۽ شاعر احمد سليم جو ڪيل آهي، جنهن ۾ گيت، وايون، نظم، منظوم ڊراما، سُر ۽ نثري ترجما شامل آهن. هي پنجابي ترجمي جو ڪتاب ’بيجل ني آکهيا‘ پڻ 1977ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
اهي ٻئي ڪتاب، هڪ جلد ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپايا آهن، ڊيمي سائيز ۽ چئن رنگن واري خوبصورت ٽائيٽل سان ڇپيل ڪتاب جا جملي 808 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 800 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو